لاهور (ويب ڊسڪ) لاهور ريلوي اسٽيشن تي ريلوي پوليس ڪارروائي ڪندي ڀارت ويندڙ سمجهوتا ايڪسپريس مان 8 ڪلو هيروئن سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ريلوي پوليس ۽ اسپيشل برانچ تي ٻڌل ٽيمن لاهور ريلوي اسٽيشن تي ڪارروائي ڪندي ڀارت ويندڙ سمجهوتا ايڪسپريس مان 8 ڪلو هيروئن هٿ ڪري سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سمگلرن ڀارت ويندڙ سمجهوتا ايڪسپريس جي بريڪ پريشر ٽينڪ جي ڳجهي خانن ۾ پيڪٽ لڪايا رکيا هئا، اهلڪارن چيڪنگ دوران هيروئن هٿ ڪري ورتي ۽ لاڳاپيل بوگي لهرائي باقي بوگين تي ٻڌل سمجهوتا ايڪسپريس کي ڀارت روانو ڪري ڇڏيو.
The post هيروئن ڀارت سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment