اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) في يونٽ بجلي 57 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيولٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب درخواست اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
سي پي پي اي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپريل ۾ ڪُل 9 ارب 71 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن تي لاڳت 53 ارب 63 ڪروڙ رپيا رهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست موجب اپريل ۾ في يونٽ بجلي پيداوار تي فيول لاڳت جو ڪاٿو 5 رپيا 23 پئسا لڳايو ويو هو، جيڪو 5 رپيا 80 پئسا تائين پهچي ويو.
درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل ۾ 30 سيڪڙو بجلي جي درآمد ايل اين جي تي ٺاهي وئي، مقامي گئس تي 18.42 سيڪڙو ڪوئلي تي 10.34 سيڪڙو ۽ فرنس آئل تي 4.95 سيڪڙو بجلي ٺاهي وئي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي نيپرا 28 مئي تي ٻڌڻي دوران فيصلو ڪندي.
The post عوام جي ڦَٽن تي لُوڻ ٻُرڪڻ جون تياريون… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment