اسامه قمر ۽ حمزا بٽ  جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

اسامه قمر ۽ حمزا بٽ  جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا جي پٽ اسامه قمر ۽ سندس دوست حمزا بٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

اسامه قمر ۽ حمزا بٽ جي جنازي نماز لالا موسيٰ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد، يوسف رضا گيلاني، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ راجا پرويز اشرف سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.

قمر زمان ڪائرا جي پٽ اسامه ۽ سندس دوست حمزا بٽ گذريل ڏينهن لالا موسيٰ ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته اسامه قمر جو هڪ دوست حادثي ۾ زخمي به ٿيو هو.

The post اسامه قمر ۽ حمزا بٽ  جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages