

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي سرڪاري اجلاس جي صدارت خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ جهانگير ترين جي اجلاسن جي صدارت اعليٰ عدليا جي فيصلن جي توهين قرار ڏنو ويو آهي.
مقامي وڪيل چوڌري شعيب سليم لاهور هاءِ ڪورٽ جي روبرو متفرق درخواست درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ جهانگير ترين جي حڪومتي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ تي قانوني اعتراض واريا ويا آهن.
درخواست گذار وڪيل موجب جهانگير ترين کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو آهي پر هن حڪومتي اجلاس دوران بريفنگ ورتي ۽ حڪم جاري ڪيا.
درخواست گذار نشاندهي ڪئي ته وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين کي اجلاسن جي صدارت جي اجازت ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جهانگير ترين کي حڪومتي اجلاسن جي صدارت کان روڪيو وڃي.
The post جهانگير ترين خلاف درخواست داخل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment