پابندي مڙهيل تنظيم الدعوه جو اڳواڻ مولانا عبدالرحمان مڪي گرفتار.. - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

پابندي مڙهيل تنظيم الدعوه جو اڳواڻ مولانا عبدالرحمان مڪي گرفتار..


گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيمن الدوعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن جي اڳواڻ مولانا عبدالرحمان مڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي گهرو وزارت ۽ پوليس اختيارين عبدالرحمان مڪي جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي گهرو وزارت موجب عبدالرحمان مڪي کي گوجرانوالا مان گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس خلاف الزامن جا تفصيل في الحال ناهن ٻڌايا ويا.

عبدالرحمان مڪي پابندي مڙهيل تنظيم الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جو ڀيڻيو آهي.

عبدالرحمان مڪي پابندي مڙهيل تنظيم الدعوه جو نائب امير، سياسي ۽ پرڏيهي معاملن جو نگران پڻ آهي.

The post پابندي مڙهيل تنظيم الدعوه جو اڳواڻ مولانا عبدالرحمان مڪي گرفتار.. appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages