آءٌ  غريبن جو هرتيڪ روشن آهيان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

آءٌ  غريبن جو هرتيڪ روشن آهيان


ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف پاڻ کي غريبن جو هرتيڪ روشن قرار ڏنو ۽ چيو ته هو ايندڙ فلم ۾ پنهنجي آئيڊيل اداڪار هرتيڪ روشن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ جلد جڳهه ٺاهيندڙ مشهور اداڪار جيڪي شروف جو پٽ ٽائيگر شروف کي هن جي نئين فلم اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2، ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي مداحن طرفان ساراهيو پيو وڃي.

ٽائيگر شروف فلم جي ڪاميابي تي ملندڙ مبارڪن جي جواب ۾ چيو ته هن کي ان ڳالهه جي گھڻي خوشي ٿي آهي ته هو جلد انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هاڻي سندس کي ماڻهو ٽائيگر شراف طور سڃاڻيندا آهن جيڪي شروف جي پٽ طور نه.

ٽائيگر شراف انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ بهترين اداڪار هرتيڪ روشن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو جڏهن ته هرتيڪ روشن سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ هڪ چيلينج آهي. ٽائيگر جو چوڻ هو ته هرتيڪ روشن هن جو آئيڊيل اداڪار آهي جنهن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش سندس کي سدائين رهي آهي.

باغي اداڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پاڻ کي ”غريبن جو هرتيڪ روشن“ سمجهندو آهي.

The post آءٌ  غريبن جو هرتيڪ روشن آهيان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages