اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نيب احتساب سڀ لاءِ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي ۽ عوام جي لٽيل رقم جي واپسي اولين ترجيح آهي.
نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽيبلٽي، ڊي جي آپريشن ۽ سينيئر آفيسر شريڪ هئا.
اجلاس ۾ خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته نيب ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته سڀني برائين جي پاڙ آهي ۽ ان جو خاتمو نيب سميت سڀني ادارن جي گڏيل ذميواري آهي. نيب آفيسر ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي کي پنهنجي قومي فرض سمجهندا آهن.
The post ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: نيب چيئرمين appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment