اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ۽ اوپل 225 ۾ هڪ ارب رپيه رشوت وٺڻ جي الزام تي نيب سامهون پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٻن انڪوائرين ۾ طلبي تي نيب اولڊ هيد ڪوارٽر پهچي ويو ۽ آصف زرداري کي شڪي ٽرانزيڪشن ۽ اوپل 225 انڪوائريز ۾ طلب ڪيو ويو آهي.  اڳوڻي صدر آصف زرداري کان 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ۽ زرداري گروپ تي اوپل ٽو ٽو فائيو گڏيل منصوبي ۾ هڪ ارب رپيه رشوت وٺڻ تي ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاچ ڪئي وئي. اڳوڻو صدر آصف زرداري پنهنجو بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو.

The post اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages