

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ مشهور مصور جميل نقش 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جميل نقش کي 4 ڏينهن اڳ لنڊن جي سينٽ ميري اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو هو جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
جميل نقش 1939ع ۾ هندستان جي شهر ڪيرانا ۾ ڄائو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان منتقل ٿيو جنهن بعد نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ داخلا ورتي. هن پنهنجي ڪم سبب ناءُ ٺاهيو ۽ مصوري جي فن ۾ ڌار سڃاڻپ ٺاهي، سندس جي ٺاهيل تصويرن مان نئون فڪر، نئين سوچ ۽ نئون انداز نمايان ٿيندو آهي.


جميل نقش کي پاڪستان حڪومت طرفان 1989ع ۾ سهڻي ڪارڪردگي جي صدارتي تمغي سان نوازيو ويو هو.
The post مشهور مصور جميل نقش لاڏاڻو ڪري ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment