

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ۽ مهانگائي جا ذميوار نواز شريف ۽ زرداري آهن، عمران خان سندن گند جي صفائي ڪري رهيو آهي، شريف ڀائر پئسا نه ڏيندا، زرداري شايد ڏئي وجهي، آصف زرداري ۾ پئسا واپس ڏيڻ جو حوصلو آهي.
ريلوي واري وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ايل ٽو منصوبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪار دلچسپي وٺي رهيا آهن، عيد تي پنج خاص ريل گاڏيون هلائينداسين، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٽيهه ٽرينون ۽ ست لک مسافرن جي واڌ ٿي آهي.
شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سکر ريلوي اسٽيشن جي حالت ٺيڪ ناهي، پاڻ دورو ڪندس، گذريل ستر سالن ۾ ريلوي تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهنڪري مسئلا آهن، ريلوي اسٽيشن جا هڪ هزار اسٽال ٺيڪي تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ريلوي واري وزير چيو ته ريلوي اسٽالز ۾ ريلوي ملازمن جون بيواهن جي ڪوٽا رکي وئي آهي، 20 ۽ 21 هين گريڊ وارن مان مايوس ٿيو آهيان، مان 18 کان 19 گريڊ وارن کي چارج ڏيندس.
حددخلين تي عدالتي فيصلي بابت سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڪي سي آرروٽ تي حددخليون ختم ڪنداسين، 70 سال کان قائم حددخيلون شيخ رشيد کي ڏاج ۾ مليون آهن، 30 ڏينهن ۾ حددخيلون ختم ڪرڻ جو حڪم مليو آهي.
شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر کي عيد کان پوءِ نڪرڻ ڏينداسين خبر پئجي ويندي ته، ڊالر ۽ مهانگائي جي جو ذميوار نواز شريف ۽ زرداري آهن، مونکي تي امڙ جي جنازي لاءِ به ضمانت نه ملي هئي، هنن ماڻهن کي موڪل واري ڏينهن به ضمانت ملي ويندي آهي.
ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته عمران خان اڳوڻين حڪومتن جو گند صاف ڪري رهيو آهي، مهانگائي جا ذميوار 40 ورهين کان حڪومت ڪندڙ ڌاڙيل آهن ؟ يا 9 مهينن جا حڪمران؟ بلاول بابت سوال تي شيخ رشيد جواب ڏنو ته اوهان کي ٻن دلين جي پاڪيزا محبت نٿي وڻي.
هن وڌيڪ چيو ته شريف ڀائر پئسا نه ڏيندا، زرداري شايد ڏئي وجهي، آصف زرداري ۾ پئسا واپس ڪرڻ جو حوصلو آهي، دولت ته ڇڏيو پر سندن پنهنجي اولاد ئي کين ڪم نه پئي اچي.
سي پيڪ بابت شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سي پيڪ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، عالمي طاقتون نٿيون چاهين ته پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا مضبوط ٿين.
هن چيو ته عمران خان جي پوري ڪوشش آهي ته کين اين آر او نه ملي، سنڌ کي ايڊز جي ور چاڙهيو ويو آهي، هي ماڻهو ٻڏي مرن.
سندس چوڻ هو ته سڀ چور گڏ ٿي رهيا آهن، هڪ ڪلاڪ ۾ سڄي مخالف ڌر ختم ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چوي ٿي ٽي مهينا پر مان چوان ٿو ته ٽن سالن ۾ گند صاف ٿي ويندو، اسان ان گند تي ٽوڪرو رکي پيا سگهون پر اسان اهو گند صاف ڪري رهيا آهيون. قوم جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون ان ڏکيائيون آهن، اسان جيڪي قرض ورتا آهن اهي ادا ڪرڻا آهن.
The post ”ستر سال کان قائم حددخيلون شيخ رشيد کي ڏاج ۾ مليون آهن“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment