پاڪستان لڳاتار ميچون ڇو هارائي رهيو آهي….؟ ڪپتان ٻڌائي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

پاڪستان لڳاتار ميچون ڇو هارائي رهيو آهي….؟ ڪپتان ٻڌائي ڇڏيو


لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد انگلينڊ خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ هارائڻ جو سبب خراب فيلڊنگ ۽ ڪيچ ڇڏڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

چوٿين ون ڊي ۾ شڪست کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪست جا ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه ته اسان ڪيچ نه پيا پڪڙي سگهون، فيلڊنگ ۾ به سنگين قسم جو ڪوتاهيون ڪري رهيا آهيون جنهنڪري ميزبان ٽيم خلاف وڏو اسڪور ڪرڻ باوجود به ميچ نه کٽي سگهياسين.

سرفراز احمد چيو ته ائين ناهي ته اسان اهڙي قسم جي فيلڊنگ ڪندا آهيون، اسان ڪجهه عرصو اڳ فيلڊنگ ۾ زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو ۽ بهتري آندي هئي، پر اسان اها پرفارمنس برقرار نه رکي سگهيا آهيون، جنهن جو ٽيم جي ڪارڪردگي تي اثر پئجي رهيو آهي.

قومي ڪپتان اهو پڻ مڃيو ته بالرن کي لائين ۽ لينٿ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

سندس چوڻ هوته محمد عامر به ان فٽ آهي جنهنڪري هڪ بالر جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن ان تاثر کي غلط  قرار ڏنو ته بيٽسمين پنهنجي لاءِ کيڏي رهيا آهن.

سرفراز احمد چيو ته انگلينڊ خلاف لڳاتار ناڪامين باوجود اها ڳالهه حوصلو ڏيندڙ آهي ته مسلسل ٽن ميچن ۾ اسان جي ٽيم ويڙهاند ڪندي نظر اچي رهي آهي، اسان لڳاتار ٽن ميچن ۾ ٽن سوَن جو انگ پار ڪيو جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.

هن چيو ته اسان جا بيٽسمين وڏو اسڪور ڪري رهيا آهن پر ڪجهه غلطيون آهن جنهنڪري ڪري اسان ڪاميابي کان پري آهيون.  ڪوشش ڪنداسين ته آخري ون ڊي سٺي راند کيڏون ۽ ڪيل غلطيون ٻيهر نه ورجايون.

The post پاڪستان لڳاتار ميچون ڇو هارائي رهيو آهي….؟ ڪپتان ٻڌائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages