نواز شريف جي سزا معطلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور، نيب کي نوٽيس - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

نواز شريف جي سزا معطلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور، نيب کي نوٽيس


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. عدالت نواز شريف جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. نواز شريف طرفان خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيو.  خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف مختلف بيمارين جو شڪار آهي. عدلات درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت نيب، سپرنٽنڊنٽ جيل ڪوٽ لکپت جيل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

IHC issues notice to NAB chief, others on

The post نواز شريف جي سزا معطلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور، نيب کي نوٽيس appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages