ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ويويڪ اوبراءِ ۽ اداڪارا ايشوريا راءِ وچ ۾ ٿيل بريڪ اپ کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌي چڪا آهن، ان باوجود به اداڪار ويويڪ هڪ ڀيرو وري ايشوريا راءِ تي ٽوڪ ڪئي آهي.
ويويڪ اوبراءِ پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي هڪ (مزاحيا تصوير) شيئر ڪئي، جنهن ۾ ايشوريا راءِ پنهنجي ٻنهي اڳوڻن بواءِ فرينڊز سلمان خان ، پاڻ ويويڪ ۽مڙس اڀيشيڪ بچن سان گڏ موجود آهي، جڏهن ته اڀيشيڪ سان گڏ تصوير ۾ هن جي 7 سالن جي ڌيءَ آراڌا به موجود آهي.
ان کان پوءِ ويويڪ کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور به ويويڪ تي تنقيد ڪئي.
Disgusting and classless. https://t.co/GUB7K6dAY8
— Sonam K Ahuja (@sonamakapoor) May 20, 2019
سونم ڪپور جي تنقيد کان پوءِ ويويڪ اوبراءِ هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته توهان پنهنجي فلمن ۾ ٿوري گھٽ اوور ايڪٽنگ ڪريو ۽ سوشل ميڊيا تي ٿورو گھٽ رد عمل ڏيندا ڪريو.
ان کان پوءِ ويويڪ اوبراءِ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي شيئر ڪيل تصوير تي معافي گھرندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ عورت کي به اها خراب لڳي آهي ته آئون شرمندو آهيان ۽ ان کي ڊيليٽ ڪري رهيو آهيان.
The post ايشوريا راءِ تي ٽوڪ ڪرڻ ويويڪ اوبراءِ کي مهانگي پئجي وئي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment