دهشتگرد جو ڪو به مذهب ناهي هوندو: ويوڪ اوبرائي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

دهشتگرد جو ڪو به مذهب ناهي هوندو: ويوڪ اوبرائي


ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ويوڪ اوبرائي مشهور اداڪار ۽ سياست دان ڪمل هاسن جي ڳالهه تي ”ڀارت جو پهريون دهشتگرد هڪ هندو هو“ جي جواب ۾ چيو آهي ته دهشتگرد جو ڪو به مذهب ناهي هوندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار ۽ سياسي جماعت ”مڪال نيڌي مايئم“ جي سربراهه ڪامل هاسن گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته ڀارت جي آزادي کان پوءِ پنهنجي هتي سڀ کان وڏي دهشتگردي جي واردات هڪ هندو ”نٿو رام گوڊ“ نالي شخص مهاتما گانڌي کي قتل ڪري ڪئي هئي.

ڪامل هاسن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو هو ته ڪنهن هڪ طبقي يا اقليت کي گڏيل طور دهشتگرد قرار ڏيڻ مناسب ناهي. جنهن مهاتما گانڌي جو قتل ڪيو ڇا سموري هندو ڪميونٽي دهشتگردي ٿي وئي؟ ڇا هر هڪ کي دهشتگرد ۽ قاتل سمجهڻ گھرجي؟

ڪمل هاسن جي ان خطاب کان پوءِ ڀارتي اداڪار ويوڪ اوبرائي به ڪمل هاسن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان اهو چوندو ته نٿو رام گوڊ هڪ دهشتگرد هو ته اهو درست آهي ڇو جو مون لاءِ مهاتما گانڌي کي قتل ڪندڙ شخص لاءِ ڪا به همدردي ناهي، پر اهو ڇو چيو ته هو هڪ هندو هو؟

اداڪار ويوڪ اوبرائي جيڪو ڀادرتي وزيراعظم نريندر مودي جي زندگي تي ٻڌل فلم۾ مودي جو ڪردار ادا ڪري ڪري رهيو آهي،

هن وڌيڪ چيو ته ڪمل هاسن اهڙي ڳالهه ڪري ”هندو فوبيا“ پکيڙي رهيو آهي؟

The post دهشتگرد جو ڪو به مذهب ناهي هوندو: ويوڪ اوبرائي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages