انگلش ڪپتان آئن مورگن تي هڪ ميچ جي پابندي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

انگلش ڪپتان آئن مورگن تي هڪ ميچ جي پابندي


دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي پاڪستان خلاف ٽئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي انگلش ڪپتان آئن مورگن تي ڏنڊ هڻندي کيس هڪ ميچ لاءِ معطل ڪري ڇڏيو .

آءِ سي سي ميچ ريفري رچي رچرڊسن موجب آئن مورگن ۽ انگلش ٽيم جي ٻين رانديگرن تي پابندي پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٻه اوور مقرر وقت تي نه ڪرائڻ  سبب  هنئي وئي آهي.

ڪرڪيٽ جي عالمي اداري طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سلواوور ريٽ سبب انگلش ڪپتان آئن مورگن تي ميچ فيس جو چاليهه سيڪڙو جڏهن ته ٻين رانديگرن تي ويهه سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو آهي.

ان کانسواءِ آءِ سي سي انگلش ڪپتان آئن مورگن کي پاڪستان خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ لاءِ معطل پڻ ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ س سي طرفان پابندي سبب انگلش ڪپتان آئن مورگن چوٿين هڪ ڏينهن اوري ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

The post انگلش ڪپتان آئن مورگن تي هڪ ميچ جي پابندي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages