آصف زرداري کي ضمني ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 17, 2019

آصف زرداري کي ضمني ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب غير قانوني ٺيڪن جي ريفرنس ۾  ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ نيب جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ۾ وڌيڪ شاهديون سامهون اچڻ تي آصف زرداري کي غير قانوني ٺيڪن جي ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو پيو وڃي. نيب موجب سنڌ سرڪار جي آفيسرن هريش ڪمپني ۽ اومني گروپ کي غير قانوني ٺيڪا ڏنا جڏهن ته اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد پٽ مناهل مجيد جي نالي تي بي نامي پراپرٽي قائم ڪئي.  نيب موجب ڊي ايڇ اي ۾ ڪرپشن جي پئسن سان ٺاهيل قيمتي پلاٽ به منجمد ڪيو ويو آهي. نيب موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي انڪوائري ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي طور تي 26 انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشن جاري آهن جنهن ۾ پنج انڪوائريز ۽ ٽي انويسٽگيشن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون آيو آهي.

The post آصف زرداري کي ضمني ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages