

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر جي اعزازي چيئرمين شبر زيدي جي مقرري کي ايف بي آر جي آفيسر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. ايف بي آر جي 19 گريڊ جي آفيسر علي محمد طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شبر زيدي جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي کيس ايف بي آر جي چيئرمين طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ ايف بي آر چيئرمين جي مقرري لاءِ قابل آفيسر جي مقرري تي غور ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته خانگي سيڪٽر کان ايف بي آر ۾ مقرري روڪي وڃي ۽ ايف بي آر جي ريگولر آفيسرن سان اڻ برابري جو ورتاءُ نه ڪيو وڃي.
The post ايف بي آر چيئرمين شبير زيدي جي مقرري چئلينج appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment