

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي عدالت انصاف ۾ دير تي سائل کان معافي گهرندي 6 سالن ۾ پنجن ڏينهن جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور جي علائقي نو لکا ۾ پان وڪڻندڙ جمشيد اقبال کي 2013ع ۾ رمضان احترام آرڊيننس تحت اسپيشل مجسٽريٽ موقعي تي پنج ڏينهن جي سزا ٻڌائي هئي جنهن خلاف جوابدار عدالت سان رابطو ڪيو هو، پر اپيل تي فيصلو اچڻ ۾ ڇهه سال لڳي ويا ۽ سزا پنجن ڏينهن مان ڇهه سال ٿي وئي.
لاهور ۾ سيشن عدالت جمشيد اقبال جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کان معافي گهري ۽ کيس بري ڪري ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج محمد عامر حبيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو واقعو عدالتي نظام تي داغ آهي، جڏهن ته غلط قيد جي سزا ۽ عدالتي نظام جي سستي تي عدالت اوهان کان معافي گهري ٿي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته جوابدار جمشيد اقبال کي احترام رمضان آرڊيننس تحت غلط سزا ملي ڇاڪاڻ ته جنهن قلم تحت سزا ملي اهو آرڊيننس ۾ موجود ئي ناهي، اسپيشل مجسٽريٽ خلاف قانون پنج ڏينهن قيد جي سزا ٻڌائي جنهن خلاف اپيل ۾ ڇهن سالن جو وقت لڳي ويو.
سيشن عدالت اسپيشل مجسٽريٽ جي رويو تي افسوس جو اظهار ڪندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي اهل آفيسرن کي اسپيشل مجسٽريٽ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايڊيشنل سيشن جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ائين ته پٿر جي دور ۾ به نه ڪيو ويو، اسپيشل مجسٽريٽ جيڪو پاڻ کي ڪيس جو فريادي هو ان جج بڻجي سزا ٻڌائي، هڪ شهري جا ڇهه سال ضايع ڪرڻ جو ڪو به پورائو نٿو ڪري سگهي.
The post پنجن ڏينهن جي سزا خلاف اپيل تي فيصلي ۾ ڇهه سال لڳي ويا…..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment