راولپنڊي ۾ پوليس اهلڪارن جي ناري سان اجتمائي زيادتي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

راولپنڊي ۾ پوليس اهلڪارن جي ناري سان اجتمائي زيادتي


راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن سميت چئن جوابدارن ناري کي اغوا کان پوءِ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.

رپورٽن موجب راولپنڊي جي روات ٿاڻي ۾ هڪ عورت طرفان ٽن پوليس سميت چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شيشن تي ڪارا پردا لڳل گاڏي ۾ پوليس اهلڪارن کيس  هاسٽل ويندي گاڏي روڪي اغوا ڪيو.

کيس گاڏي ۾ سڄي رات گهمائيندا رهيا ۽ ويران هنڌ تي گاڏي ۾ ئي مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندا رهيا.  جوابدار نه رڳو 30 هزار رپيا ۽ زيور کسيا پر زيادتي کان پوءِ ٻيهر رابطو رکڻ لاءِ پنهنجا فون نمبر به ڏنا.

روات پوليس متاثر ڇوڪري جي بيان تي ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته روات پوليس ٽنهي پوليس اهلڪارن سميت چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اهلڪارن جي نصير، راشد منهاس ۽ عظيم جڏهن ته عامر سندن ساٿي آهي.

The post راولپنڊي ۾ پوليس اهلڪارن جي ناري سان اجتمائي زيادتي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages