ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا کي عهدي تان هٽايو ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 23, 2019

ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا کي عهدي تان هٽايو ويو


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان اختلافن جي بنياد تي ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ذريعن موجب ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاڳا کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته نويد ڪامران بلوچ جي جاءِ تي ناڻي واري سيڪريٽري کي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۾ ڪجهه ڏينهن کان اختلاف هئا جنهن سبب ناڻي واري سيڪريٽري آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي آخري دور ۾ شرڪت نه ڪئي.  ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جي معاملن ۾ يونس ڍاگا سان ڪي به مشورا نه پئي ڪيا ويا جڏهن ته بجيٽ جي تياري بابت ناڻي واري صلاحڪارجي آفيس يونس ڍاگا سان ڪو به مشورو نه پئي ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان طرفان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر کي هٽائڻ کانپوءِ معاشي ٽيم ۾ تبديلين جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت گورن اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر چيئرمين کي به تبديل ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جيچيئرمين عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

The post ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا کي عهدي تان هٽايو ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages