لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳوان عليم خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.
اڳوڻي مڪاني ادارن واري وزير عليم خان نيب جي گرفتاري کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو ۽ ضمانت جي درخواست ڪئي هئي.
عليم خان جي درخواست تي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته نيب هنيئر تائين جاچ ۾ ڇا ڳوليو آهي، ان تي نيب عدالت کي ٻڌايو ته عليم خان پرڏيهه ۾ غيرقانوني ٽرانزڪشن ڪئي آهي جڏهن ته عليم خان جي وڪيل پنهنجن دليلن ۾ چيو ته سندس اصيل جيڪا ملڪيت ٺاهي ۽ رقم منتقل ڪئي اها ڊڪليئر آهي، مٿس ڪرپشن ۽ ناجائز اثاثن جو ڪو به ٽئڪس ناهي.
عدالت نيب کان پڇاڻو عليم خان خلاف ريفرنس ڪڏهن داخل ڪيو ويندو ان تي نيب ٻڌايو ته ريفرنس سڀاڻي داخل ڪيو ويندو.
نيب جي جواب تي عدالت چيو ته جڏهن جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ته پوءِ ڪنهن شخص کي اڻ اعلانيل مدي تائين جيل ۾ نٿو رکي سگهجي، تنهنڪري عليم خان جي ضمانت منظور ڪئي وڃي ٿي.
هاءِ ڪورٽ عليم خان کي هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
The post عليم خان جي ضمانت منظور appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment