پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرٽيچنگ اسپتال ( ڪي ٽي ايڇ ) ۾خيبرپختونخوا جي صحت واري وزير هشام انعام الله جي گارڊ طرفان ايسوسيئشن ڊاڪٽر ضياءَ الدين تي تشدد خلاف ينگ ڊاڪٽرن صوبائي وزير خلاف سراپا احتجاج آهن.
گذريل ڏينهن خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ وزيراعظم عمران خان جي سئوٽ ڊاڪٽر نوشيروان برڪي ۽ ايسوسي ايٽ پروفيسر ڊاڪٽر ضياءَ الدين وچ ۾ ڏند چڪ ٿي، ان دوران ڊاڪٽر ضياءَ الزام لڳايو ته صحت واري وزير هشام انعام الله گارڊن مٿس تشدد ڪيو آهي.
ينگ ڊاڪٽرز صحت واري وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪندي الزام لڳايو آهي ته هن هڪ استاد تي حملو ڪيو، جهموري حڪومت ۾ هڪ وزير جو اهڙو رويو افسوس جوڳو آهي.
واقعي خلاف اڄ خيبرپختونخوا ۾ ڊاڪٽرز ڪائونسل طرفان اڄ سڄي صوبي ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ صحت واري وزير هشام انعام الله جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ضياءَ الدين ڊاڪٽر نوشيروان برڪي تي آنن سان حملو ڪيو ۽ جڏهن ته هو اسپتال پهتو ته مٿس پڻ حملو ڪيو ويو جنهن تي محافظن وچ ۾ پئي بچائي ورتو.
هن چيو ته ڪجهه ڊاڪٽر سڌارن جي رستي رنڊڪون وجهي رهيا آهن، ڊاڪٽرن حدون اورانگهيون آهن هاڻ سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
خيبرپختونخوا جي صحت واري وزير ۽ ڊاڪٽر نوشيروان برڪي جي درخواست تي ڊاڪٽر ضياءَ الدين خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو واقعي بابت چوڻ آهي ته ڪنهن به ڊاڪٽر کي گرفتار ناهي ڪيو ويو جڏهن ته صحت واري وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست وٺي ڇڏي آهي.
The post گارڊن جي مبينا تشدد، خيبر ٽيچنگ اسپتال جي ينگ ڊاڪٽرن جو صحت واري وزير خلاف احتجاج appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment