ڪومل رضوي عالمي سطح تي وڏو اعزاز ماڻي ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

ڪومل رضوي عالمي سطح تي وڏو اعزاز ماڻي ورتو


 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪومل رضوي جي گذريل عيد جي موقعي تي رليز ٿيل اوريجنل گيت ”او بلو جي“ ۽ ”ديسان دا راجا“ گيتن جي عالمي مقابلي ۾ ورلڊ ميوزڪ ڪيٽيگري ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي. ان مقابلي ۾ 140 ملڪن کان 19000 گيت داخل ڪيا ويندا هئا، جنهن ۾ ڪوبل رضوي جي گيت کي سڀني کان پسنديده قرار ڏئي سندس کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان حوالي سان ڪومل رضوي جو چوڻ هو ته اهو ايوارڊ حاصل ڪرڻ مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، عالمي سطح تي منهنجي محنتن ۽ خدمتن کي تسليم ڪرڻ مون لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته آئون سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ شرڪت ڪندي آهيان، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مون کي ميوزڪ سان عشق آهي ۽ ان ڪري جو ميوزڪ منهنجي رڳن ۾ ڊوڙندي آهي.

The post ڪومل رضوي عالمي سطح تي وڏو اعزاز ماڻي ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages