شاداب خان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

شاداب خان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي


لنڊن (اسپورٽس نيوز) شاداب خان جي داڪٽر رپورٽن کي تسلي جوڳو قرار ڏيندي کيس کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر پيٽرڪ ڪينڊي ليگ اسپنر شاداب خان جو تفصيلي معائنو ڪيو، جنهن موجب هن جي رپورٽ سٺي آئي آهي ۽ بلڊ وائرس ۾ هاڻي نيگيٽو جي نشاندهي ٿي آهي. شاداب خان 20 مئي تي قومي ٽيم جو حصو بڻبو ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچن لاءِ به موجود هوندو. واضح رهي ته پاڪستان 24 ۽ 26 مئي تي بنگلاديش ۽ افغانستان خلاف ورلڊ ڪپ جي وارم ميچن کيڏڻيون آهن، شاداب خان کي انهن ميچن ۾ پليئنگ اليون جو حصو بڻائي پريڪٽس جو موقعو فراهم ڪيو ويندو.

The post شاداب خان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages