ڪي پي ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل، ڪم بند - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 17, 2019

ڪي پي ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل، ڪم بند


پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري آهي، جنهن ڪري مريضن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڪي پي ڊاڪٽرز ڪائونسل موجب صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي کانسواءِ مڪمل هڙتال آهي ۽ ايمرجنسي ۾ مريصن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽرز ڪائونسل موجب صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر هشام نعام الله جي رويي جي مذمت ڪن ٿا، کيس فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ڊاڪٽرز ڪائونسل صحت واري صوبائي وزير ۽ ڊاڪٽر نوشير وان برڪي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڊاڪٽرن تي تشدد ۾ ملوث ڊي ايس پي کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايم ٽي آئيز اسپتالن ۾ ڪرپشن ڪندڙ بورڊن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريض طبي سهولتن جي عدم فراهمي سبب پريشان آهن ۽ خانگي اسپتالن جو رخ ڪري رهيا آهن. ايل آر ايڇ جي اپ ڊي ۾ چارسده مان آيل گڙدن جي تڪليف جو شڪار مريضه کي وقت تي طبي امداد نه ملڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي. خيبر ٽيجنگ اسپتال جي واقعي کانپوءِ لوئر دير ۾ به ڊسٽرڪ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي تالابندي ڪئي جنهن سبب مريض دردر جا ڌڪا لائڻ تي مجبور آهن.

The post ڪي پي ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل، ڪم بند appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages