

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حددخلين جي ڪيس ۾ ميٽرو بس سروس کي جنگلا بس قرار ڏيندي ميئر ۽ اين ايڇ اي جي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ سنٽورس مال حددخلين جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت ميئر اسلام آباد ۽ چيئرمين اين ايڇ اي کي طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته آگاهه ڪيو وڃي ته اسلام آباد ۽ هاءِ ويز تان حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن سمورين ڪاررواين جي تفصويرن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سي ڊي اي چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته سنٽورس کان روس روڊ تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن، بليو ايريا سميت سموري شهر ۾ ڀرپور آپريشن جاري آهي ۽ جلد اسلام آباد کي حددخلين کان پاڪ ڪيو ويندو. وقتي چيف جسٽس چيو ته ڪشمير هاءِ وي ۽ ايڪسپريس وي جي حالت خراب آهي، وڏن روڊن تي پيادل هلندڙن لاءِ پيڊ سٽرين پل ناهي، اسلام آباد جا روڊ ڪنهن به صورت ۾ بند نظر نه اچن، مون کي گاڏي هلائيندي 40 سال ٿي ويا آهن، اسلام آباد ۾ گاڏي هلائڻ منهنجي لاءِ به ممڪن ناهي، باره ڪهو کان مري طرف وڃڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ايمبيسي روڊ جي گرين بيلٽ تي قبضو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڇو نه آهي، ججز ڪالوني ايندڙن کي ميل پري لهي پيدا اچڻو پوندو آهي، اسلام آباد ۾ به انڊر گرائونڊ گاڏيون هلڻ گهرجن، ماڻهن کي آفيس مان پيادل گهر وڃڻو پوندو آهي، دنيا ۾ ڪهڙو شهر آهي جتي ٽرانسپورٽ جو نظام نه هجي، رڳو جنگلا بس ٺاهي وئي آهي جيڪا مسئلن جو حل ناهي، جنگلا بس سان مسئلا حل نه ٿيندا خرب ناهي ته ايترو خراب نظام هاڻي ڪير ٺيڪ ڪندو. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
The post اسلام آباد ۾ جنگلا بس سروس سان مسئلا حل نه ٿيندا: سپريم ڪورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment