لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي ڪپ 2019 لاءِ قومي ٽيم جي نئين ڪٽ جي رونمائي ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان جي نئين ڪٽ گهري سائي رنگ جي آهي ۽ ان جون تصويرون پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي جاري ڪيون آهن.
واضح رهي ته ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو 30 مئي کان انگلينڊ ۽ ويلز ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ ٽورنامنٽ جي شروعاتي ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏي ويندي.
The post ڪرڪيٽ عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان جي نئين جرسي جون تصويرون جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment