لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۾ 150 رنسن جي اننگز کيڏندڙ ننڍي عمر جي بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪندڙ قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق چيو آهي ته جيڪڏهن ٽيم کٽي ها ته سٺو لڳي ها، سينچري سان اعتماد ۾ واڌ ٿي آهي. پنهنجي بيان ۾ امام الحق جو چوڻ هو ته اوپنر طور ٽيم، ڪوچ ۽ ڪپتان جيڪو منهنجو ڪردار طئي ڪيو آهي، ان ۾ وڪيٽ تي بيهي اسڪور کي به اڳتي وڌائڻو آهي، ساٿي اوپنر فخر زمان جيتوڻيڪ گھڻي جارڻاڻي انداز سان کيڏندو آهي، ان صورتحال ۾ منهنجي ذميواري هوندي آهي ته آئون هڪ اينڊ سنڀالي رکان ۽ هن کي گھڻو کيڏڻ جو موقعو فراهم ڪريان، ڪوشش ڪندو آهيان ته سمورن اوورن تائين وڪيٽ تي موجود رهان، شروعاتي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ رڳو اهو ئي سوچيو هيس ته 50 اوورن تائين بيهڻو آهي. اوپننگ بيٽسمين چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊگھو اسڪور ٺاهڻ لاءِ پهرين ٽن بيٽسمينن مان ڪنهن هڪ جو آخر تائين وڪيٽ تي بيهڻ گهڻو اهم سمجهو ويندو آهي. هن چيو ته انگلينڊ لاءِ هدف ايترو سولو نه هو پر ڪجهه ڊراپ ڪيچن سبب هنن کي اسڪور ٺاهڻ ۾ سولائي ٿي، ڊراپ ڪيچ به راند جو حصو آهن، پنهنجي غلطين مان سکي ايندڙ ميچن ۾ سٺي پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هاڪاري شئي اها آهي ته هر ميچ ۾ سڀئي رانديگر پوري طاقت سان کيڏي رهيا آهن ۽ پرفارمنس ۾ بهتري آڻڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ پريڪٽس ميچن سان گڏ انگلينڊ خلاف سيريز مان گھڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، جيڪو ميگا ايونٽ ۾ گھڻو ڪم ايندو، جيڪڏهن ٽيم کٽي ها ته سٺو هو پر اننگز سان اعتماد ۾ واڌ ٿي آهي، ڪوشش هوندي ته ايندڙ ميچن ۾ به ڪارڪردگي جي ان تسلسل کي برقرار رکان ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي اميدن تي پورو لهان.
The post امام الحق جو اعتماد وڌي ويو… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment