ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي ڌيئرن کي راندين جي ميدان ۾ نه آڻڻ واري بيان کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي پر ان باوجود هو پنهنجي موقف تي قائم آهي.
شاهد آفريدي جي ڪتاب ”گيم چينجر“ جي مهوريت گذريل هفتي پاڪستان سميت ڀارت ۾ به ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جڳ مشهور آل رائونڊر تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پنهنجي ڪتاب ۾ شاهد آفريدي لکيو ته مان معاشرتي ۽ مذهبي سببن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو آهي ته منهنجون ڌيئرون عوامي سطح جي راندين جي سرگرمين ۾ حصو نه وٺنديون ۽ انهن جي ماءُ به منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو.
سندس چوڻ هو ته فيمينسٽ جيڪو چاهين چئي سگهن ٿا، هڪ قدامت پسند پاڪستاني پيءُ هجڻ جي حيثيت سان مان پنهنجو فيصلو ڪري ورتو آهي.
گيم چينجر ۾ جيتوڻيڪ شاهد آفريدي ڪيترائي راز فاش پڻ ڪيا آهن پر ڌيئرن بابت بيان تي مٿس سوشل ميڊيا تي تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن ۽ کيس منافق ۽ عورت سان نفرت ڪندڙ قرار ڏنو ويو آهي.
سلمان صديقي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته شاهد آفريدي وچولي عمر جي ڪنهن پاڪستاني کان مختلف ناهي، جيڪو ٻين جي ڌيئرن سان گڏ گمهڻ کي برو نه سمجهي پر جڏهن پنهنجي ڌيءُ ائين ڪري ته هو مخالف ڪندو آهي.
آشا بيدار ٽوئيٽ ڪيو ته هن جون ڌيئرون، هن جي مرضي؟ واقعي؟ ته هاڻ ڇوڪرين جي آواز ۽ انهن جي پسند جي ڪا اهميت ناهي؟ ان وقت به نه جڏهن اهي وڏيون ٿي وڃن؟ ڇو ته ابي چئي ڇڏيو آهي.
ليکڪا بينا شاهه به آفريدي تي تنقيد ڪندي چيو ته آل رائونڊر هڪ بهترين مثال آهي ته ”ڪهڙي ريت پاڪستاني معاشري ۾ اهو چوي ٿو ته مان پيءُ آهيان، مان فيصلو ڪندس ته منهنجون ڌيئرون ڇا ڪنديون ۽ ڇا نه؟ توهان مون کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهو“.
ٻين ماڻهن مسلم معاشري ۾ جڳ مشهور مصري فٽبالر محمد صلاح سميت اهڙن ڪيترن جي نشاندهي ڪئي، جيڪي عورتن سان هڪ جهڙي ورتاءَ جي حق ۾ آواز اٿاريندا آهن پر سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن شاهد آفريدي جي حمايت به ڪئي.
سخت تنقيد باوجود شاهد آفريدي پنهنجي موقف تي آهي ۽ هن تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مان ڪنهن جي باري ۾ راءِ قائم ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مداخلت ناهيان ڪندو، مان ٻين مان به اها ئي اميد رکندو آهيان.
The post ڌيئرن بابت بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدار شاهد آفريدي تي ڏمريل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment