

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪار شان شاهد چيو آهي ته ملڪ لاءِ جيستائين اسان کي فتح نصيب نه ٿي وڃي، تيستائين اسان کي هار نه مڃڻ گھرجي. اداڪار شان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته رپئي جو ڪرندڙ قدر ۽ ڊالر جي وڌيندڙ اگھه عوام جي دل ۾ ڊپ پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان هن وقت معاشي دهشتگردي جو شڪار آهي پر اسان تيستائين ان معاشي بحران سبب ويڙهه تان واپسي جو رستو اختيار نه ڪنداسين تيستائين اسان کي فتح نصيب نه ٿيندي. اداڪار جو چوڻ هو ته اهڙي وقت اسان کي گڏ رهڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۽ رياست کي اسان جي سخت ضرورت آهي. ڀلي اسان جو ڪنهن به سياسي جماعت يا ان جي سوچ سان واسطو هجي، اسان کي سڀ ڪجهه وساري ملڪ لاءِ گڏ بيهڻ گھرجي، ڇو جو حڪومت کي نقصان پهتو ته سڀني کي نقصان پهچندو. اسان کي پاڪستان جي مستقبل لاءِ ڪجهه ڪرڻ گھرجي.
The post معاشي بحران ۾ فتح ملڻ تائين هار نه مڃڻ گهرجي: شان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment