

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گستاخ مواد جي مشهوري ڪندڙن خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد جي مشهوري خلاف ڪيس ۾ ٻن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي اعتراض جوڳي ۽ گستاخ مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ملوث ماڻهن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري، جڏهن ته گهرو وزارت سميت ٻيا ادارا اهڙي مواد جي مشهوري کي روڪين.
عدالت پي ٽي اي کي اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست گذار کي هدايت ڪئي ايف آءِ اي کي اعتراض جوڳي مواد جي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي.
تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري.
واضح رهي ته درخواست گذار فيس بُڪ تي گستاخ مواد جي مشهوري خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
The post گهرو وزارت کي گستاخ مواد ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment