ڪرپٽ ٽولو بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 19, 2019

ڪرپٽ ٽولو بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان


پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستاني عوام سان ڪڏهن به بيوفائي نه ڪندس، ڪرپٽ سياسي مافيا تازي اقتصادي بحران سان حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي. پشاور ۾ ڪي پي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته معيشت جي بحالي ڪرپٽ سياسي مافيا مان ڇوٽڪاري سان ئي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته ڪرپٽ سياسي مافيا تازي اقتصادي بحران سان حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، آءِ ايم ايف سان اسان سڀ کان سٺو ٺاهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه ۾ سخت شرط نه آهن، مان پاڪستاني عوام سان ڪڏهن بيوفائي نه ڪندس، ملڪ ۾ عارضي معاشي بحران آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دوست ملڪ اسان جي مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، چين سان معاهدي ۾ برآمد ۾ اضافو ٿيندو.  هن چيو ته ڪرپٽ ٽولي جي گڏ ٿيڻ تي ڪابه حيرت ناهي، بلاول ۽ مريم هڪ ٻئي تي ڪرپٽ هئڻ جا الزام هڻندا هئا هاڻي افطاري تي گڏ ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قبول نه ڪيو، جلد عوام کي خطاب نه ڪندس.

The post ڪرپٽ ٽولو بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages