

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي باربي ڊول اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور جي رشتي کي ختم ٿئي اٽڪل ٽن ورهين جو عرصو گذري چڪو آهي پر پهرين ڀيرو ڪترنيا ڪيف ان معاملي تي کُلي ۽ تفصيلي ڳالهايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف هڪ مئگزين کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي رنبير جي رشتي بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته مون پنهنجي ۽ رنبير جي بريڪ اپ مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ مون لاءِ اهو هاڪاري قدم ثابت ٿيو آهي.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته سندس حياتي جو 80 سيڪڙو ڪم ۽ 20 سيڪڙو ذاتي زندگي تي ٻڌل آهي، ڪترينا چيو ته زندگي ۾ اوهان جو هر شيءَ تي اختيار ناهي هوندو، ڪجهه شيون اوهان جي هٿن مان نڪري وينديون آهن جن کي وقت تي سنڀالي وٺڻ ئي بهتر هوندو آهي، مان ان کي مثبت وٺان ٿي، زندگي ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ ڪرڻو آهي.
باربي ڊول وڌيڪ چيو ته جذباتي طور ڏاڍو بُرو وقت ڏٺو آهي، يقينن بريڪ اپ وارو وقت خراب ترين وقت هوندو آهي ۽ اوهان کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مون اهو محسوس ڪيو آهي، پر مان ان کي سکڻ جو عمل قرار ڏينديس. ٻه منٽ ٿورو ويهي سوچو ته ڇا اوهان اهڙي زندگي گهاري سگهو ٿا؟ بس خدا تي يقين هجي ته پوءِ اوهان سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويندا آهيو.
واضح رهي ته ڪترينا ڪيف ايندڙ فلم ” ڀارت “ ۾ سلمان خان گڏ نظر ايندي جيڪا هلندڙ سال پنج جون تي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
The post رنبير سان بريڪ اپ تي ڪترنيا خاموشي ٽوڙي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment