ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور


ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عوامي نيشنل پارٽي ۽ گوادر ليويز اهلڪارن طرفان ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ خلاف درخواستون منظور ڪندي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيده طاهره صفدر ۽ جسٽس اعجاز سواتي تي ٻڌل بئنچ اي اين پي جي صوبي جي ٽن ضلعن جي ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ ۽ گوادر سان تعلق رکندڙ ليويز اهلڪارن جي پوليس ۾ ضم ڪرڻ خلاف ٻه ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي .

اي اين پي طرفان مير الله لانگو پيش ٿيو جڏهن ته گوادر ليويز اهلڪارن طرفان نادر ڇلگري ۽ ايڊووڪيٽ عامر رانا پيروي ڪئي ۽ دليل ڏنا.

ان موقعي عدالت ٻنهي درخواستن کي گڏيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي درخواستن تي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ليويز جي پوليس ۾ ضم خلاف درخوست جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post ليويز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages