

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عمل جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.
ايف اي ٽي ايف ايشيا پيسيفڪ گروپ جو اجلاس چين ۾ ٿيو، جنهن پاڪستاني وفد ناڻي بابت سيڪريٽري يونس ڍاگا جي سربراهي ۾ شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايشيا پيسيفڪ گروپ جي اجلاس دوران ايف اي ٽي ايف جي سفارشن تي عمل جي رپورٽ پيش ڪئي.
ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڪالعدم تنظيمن تي پابندي ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو، ان کانسواءِ رپورٽ ۾ ڪرنسي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ايئرپورٽن، سرحدن ۽ سامونڊي حدن تي کنيل قدمن بابت به آگاهي ڏني وئي.
The post پاڪستان ايف اي ٽي ايف سفارشن تي عمل جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment