حڪومت پنهنجي ئي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي: شيري رحمان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

حڪومت پنهنجي ئي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي: شيري رحمان


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان ڊالر جي اگهن ۾ 6 رپيه اضافي تي شديد خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه کان اڳ ئي شرط قبوليا پيا وڃن،  ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تائين پهچي چڪو آهي، حڪومت پنهنجي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.  هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي، حڪومت پنهنجي ئي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي. هن چيو ته  ڊالر 148 رپيه ٿي ويو آهي پر عوام کي مهانگائي مان گهٻرائڻ نه گهرجي،  مهانگائي جو طوفان ايندو پر عوام کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان ٺاهه کان اڳ شرط مڃيا پيا وڃن. شيري رحمان چيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر پنهنجو ملهه پاڻ طئي ڪندو آهي، ماهر چون ٿا ته ڊالر جو ملهه وڌيڪ چڙهندو، ٻيو ڀيرو ڊالر جي ملهه ۾ ايترو وڏو اضافو ڏٺو ويو آهي، اميد آهي ته وزيراعظم ٽي وي تي خبر ڏسي معاملي جو نوٽيس وٺندو. پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت جي عوام دشمن  فيصلن عام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

The post حڪومت پنهنجي ئي ناڪامين جا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي: شيري رحمان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages