اداڪار ڪمل هاسن تي هندوانتهاپسندن جو حملو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

اداڪار ڪمل هاسن تي هندوانتهاپسندن جو حملو


نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ڪمل هاسن به هندوانتهاپسندن جي نشاني تي اچي ويو، تامل ناڊو ۾ بي جي پي ڪارڪنن ڪمل هاسن کي چپل هڻي ڪڍي.

روشن خيال  اداڪار ڪمل هاسن مٿان  هندوانتهاپسندن تي تنقيد جي ڏوهه ۾ بي جي پي ڪارڪنن سندس تي چپل سان حملو ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪمل هاسن رياست تامل ناڊو ۾ چونڊ ريلي سان خطاب ڪري رهيو هو ته اوچتو ڀارتيا جنتا پارٽي جي دهشتگردن اداڪار کي چپل جو نشانو بڻايو.

هندو انتهاپسند ڪمل هاسن جي بيان تي مڇريل هئا جنهن ۾ هن ڀارت جو پهريون دهشتگرد هڪ هندو کي قرار ڏنو هو.

ڪامل هاسن چيو هو ته مهاتما گانڌي کي قتل ڪندڙ شخص هڪ هندو هو ۽ اهو سڀ ان ڪري نٿو چوان جو هڪ مسلمان علائقي ۾ مهم هلائي رهيو آهيان، پر اها تاريخي حقيقت آهي، اهو گانڌيءَ جو نظريو آهي.

The post اداڪار ڪمل هاسن تي هندوانتهاپسندن جو حملو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages