نندي پور ٿرمل پاور اسٽيشن جي گهٽ پيداوار سان اربين رپين جو نقصان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 17, 2019

نندي پور ٿرمل پاور اسٽيشن جي گهٽ پيداوار سان اربين رپين جو نقصان


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پبلڪ اڪائونٽس جي سب ڪميٽي جي اجلاس ۾ نندي پور ۾ ٿرمل پاور اسٽيشن جي گهٽ پيداوار کان 9 ارب 12 ڪروڙ جي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ نويد قمر جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ته آڊٽ اختيارين نندي پور ٿر مل پاور اسٽيشن ۾ گهٽ بجلي جي پيداوار تي بريفنگ ڏيندي چيو ته نندي پورپاور پلانٽ 2015ع کان 2016ع دوران 91 ڪروڙ 21 لک يونٽس جي گهٽ پيداوار ڏني، جنهن سان 9 ارب 12 ڪروڙ 15 لک رپين جو نقصان ٿيو. توانائي ڊويزن جي اختيارين وضاحت ڪندي چيو ته اها آڊٽ پيرا جنهن وقت جي آهي تنهن وقت پلانٽ ۾ پيداواري يونٽ پورا نه هئا، هاڻي نندي پاور پلانٽ مڪمل طور ايل اين جي تي هلايو پيو وڃي ۽ پنج سئو ميگا واٽ کان وڌيڪ پيداوار ڏئي رهيو آهي،  ذيلي ڪميٽي وضاحت قبول ڪندي آڊٽ پيرا اڪلائي ڇڏي. اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ قانون، قائدن ۽ ضابطن تي عمل نه ڪندا آهن، هن 2015ع کان منع نامو وٺي رکيو آهي جنهن تي گئس ۽ تيل حاصل ڪري رهيا آهن. اياز صادق چيو ته ان جو مطلب آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وارا سڀ کان وڏا بد معاش آهن، ڇا ڪي اليڪٽرڪ سان ٺاهه ۾ ٽياڪڙي جي ڪا شق موجود آهي. هن چيو ته هي معاهدو موجوده ناڻي واري وزير ۽ تنهن وقت جي توانائي واري وزير حفيظ شيخ ڪيو هو، معاملو تن کي موڪلڻ گهرجي ته جيئن هو ڏسي سگهن ته هنن حڪومت جي مفاد تي سوديبازي ڪئي.

The post نندي پور ٿرمل پاور اسٽيشن جي گهٽ پيداوار سان اربين رپين جو نقصان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages