پاڪستان ڀارت کي هارائي پهرين ويل چيئر ايشين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو چيمپيئن بڻجي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

پاڪستان ڀارت کي هارائي پهرين ويل چيئر ايشين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو چيمپيئن بڻجي ويو


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ويل چيئر ايشيا ٽي 20 ڪرڪيٽ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ايشين چيمپيئن بڻجي ويو. نيپال جي تخت گاهه کٽمنڊو ۾ ٿيل ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال ۽ بنگلاديش جي ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ ڀارت پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ پاڪستان کي 211 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو پاڪستاني ٽيم 19.5 اوورن ۾ پورو ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. پاڪستان طرفان محمد لطيف 62 بالن تي 152 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ان حوالي سان سنڌ ڄائي ڪپتان محمد ذيشان جو چوڻ هو ته سڄي ٽيم جي محنت ۽ قوم جي دعائن سان پاڪستان فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. ٽيم جي نائب ڪپتان ڏهرڪي واسي ساجد عباسي چيو ته هو ايشين چيمپيئن ٿيڻ تي سردار محمد بخش خان مهر جا ٿورائتا آھن، جن گهوٽڪي ضلعي کانپوءِ ايشيائي سطح تي سندن مالي سهائتا ڪري کين اهو اعزاز حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. راندين، صنعتن ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته نوجوانن جو جنون ڏسي مون اڳ ئي محسوس ڪري ورتو هو ته ٽيم ضرور سوڀاري ٿيندي، ٽيم جي ڪاميابي تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، وفاقي سرڪار کي ارڙھين ترميم ۽ سنڌ جا اختيار راندين جي فنڊنگ وقت ياد اچن ٿا پر ارڙھين ترميم کانپوءِ پاڪستان اسپورٽس ڪلب جا به اسان کي اختيار ڏيو ۽ سڀني راندين ۾ اهليت جي بنياد تي رانديگرن کي به قومي ٽيم ۾ نمائندگي ڏيو.

The post پاڪستان ڀارت کي هارائي پهرين ويل چيئر ايشين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو چيمپيئن بڻجي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages