شاهين آفريدي ڀارت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ تيار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

شاهين آفريدي ڀارت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ تيار


 

لاهور (اسپورٽس نيوز) شاهين شاهه آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان مقابلي تي نظرون ڄمائي ورتيون، هو ان ميچ کي بهترين ڪارڪردگي سان يادگار بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهين شاهه آفريدي چيو ته ننڍي عمر ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ خاص طور تي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو موقعو ملڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، ميگا ايونٽ ۾ شريڪ سڀ ٽيمون مضبوط آهن، گرين شرٽس کي بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي، مون کي جتي به موقعو مليو ٽيم لاءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس جو چوڻ هو ته روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ سدائين وڏي هوندي آهي، آئون ان مقابلي ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان ٽيم لاءِ يادگار ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. شاهين شاهه آفريدي چيو ته اڄ جي ڪرڪيٽ ۾ فاسٽ بالر سدائين پريشر ۾ کيڏندو آهي، آئون پنهنجو سئو سيڪڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، سموري ٽيم ورلڊ ڪپ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي، سڀئي رانديگر بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته وڏي ڀاءُ رياض آفريدي بالنگ جا گر سيکاريا، وسيم اڪرم جي ويڊيوز ڏسي سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، وقار يونس مون کي يارڪر ۽ سوئنگ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صلاحون ڏيندو رهندو آهي.

The post شاهين آفريدي ڀارت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ تيار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages