ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا هانيا عامر کان پوءِ مهوش حيات به سوشل ميڊيا تي ميڪ کان سواءِ پنهنجي تصوير شيئر ڪري معاشري ۾ قائم خوبصورتي جي معيار تي سوال اٿاريو آهي.
اداڪارا هانيا عامر پاران شيئر ڪيل تصوير جنهن ۾ هن جي چهري تي داڻا نظر اچي رهيا آهن، ان تصوير هاڻي هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.
ماهرا خان، سائرا خان، شهروز سميت شوبز جون ناليواريون اداڪارائون هانيا عامر جي ان قدم کي ساراهي رهيون آهن ۽ هاڻي اداڪارا مهوش حيات به هانيا جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن سنديس چهري تي داڻا نظر اچي رهيا آهن.
مهوش حيات پنهنجي تصوير سان معاشري ۾ قائم سونهن جي معيار (جيڪو رڳو صاف ۽ شفاف جلد تي ئي مڃيو ويندو آهي) خلاف آواز اٿاريندي چيو آهي ته اسٽوڊيو لائٽس، ڪيمرا ۽ گليمرس ميڪ اپ کان پاسي ٿي اسان سڀ جلد جي هڪ جهڙي مسئلي جو شڪار آهيو ۽ اسان کي عام ڇوڪري جيان پنهنجي جلد بابت ڳڻتي ٿيندي آهي. هڪ عورت هئڻ ڪري هلو ان کي قبول ڪريون ٿا.
The post مهوش حيات به هانيا عامر جي نقش قدم تي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment