لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته شاهه محمود قريشي ماڻهن کي ڏکڻ پنجاب جي نالي تي بيوقوف بڻائڻ بند ڪري.
شاهه محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ن ليگ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ وارو بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري بل جي مخالفت ڪئي.
هن چيو ته پارليامنٽ ۽ عوام سان جيڪو واعدو ڪيو، اهو رڳو ن ليگ کي نڀائڻ ايندو آهي، اسيمبلي جي ريڪارڊ تي موجود آهي ته ڪنهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي ماڻهن جي ترجماني ڪئي.
احسن اقبال چيو ته شاهه صاحب اسيمبلي جي ريڪارڊ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، مسلم ليگ ن جو بل پهريان ئي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ موجود آهي، اوهان حڪومتي نمائندن کي چئو ته بل تي فوري طور تي اڳڀرائي ڪن.
واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ ترميم سان ڏکڻ پنجاب صوبو وجود ۾ ايندو جيڪو ملتان، بهاولپور ۽ ڊيرا غازي ڊويزن تي ٻڌل هوندو.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ ۾ ڪيئي طبقا اهڙا آهن جيڪي ڏکڻ پنجاب صوبي جا حمايتي آهن پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي ماضي واري بل کي ڦاٿل آهن.
The post شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب جي نالي تي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪري : احسن اقبال appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment