

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي صحت ڊاڪٽر مسعود سولنگي رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. ڊي جي صحت جاچ رپورٽ ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت حيرا ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن. رپورٽ موجب رتي ديري ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جنهن دوران 534 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ماڻهن ۾ 270 عورتون ۽ 264 مرد شامل آهن جڏهن ته 534 ماڻهن ۾ 70 سيڪڙو جون عمرون ٻن کان پنجن سالن وچ ۾ آهن. لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري ڊاڪٽر طرفان ايڊز پکيڙڻ جو انڪشاف ٿيو هو جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ صحت کاتي جي اختيارين جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهري پاڻ ايڊز جو مريض آهي. ڊاڪٽر مبينا طور انتقامي طور پنهنجو مرض ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ۾ منتقل ڪيو.
The post رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment