راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت 33 قيمتي سرڪاري بلٽ پروف گاڏين جي خريداري تي نيب کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان جاچ جي اجازت ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، نيب جي جاچ ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ پڇا ڳاڇا ڪندي.
ان معاملي تي نيب جو چوڻ آهي ته سارڪ ڪانفرنس 2016ع جي مهمانن لاءِ جرمني کان 33 بلٽ پروف گاڏيون سواءِ ڊيوٽيز جي خريد ڪيون ويون، بلٽ پروف گاڏين جي غير قانوني استعمال تي نواز شريف خلاف نيب انڪوائري جاري آهي.
نيب موجب 33 بلٽ پروف گاڏين مان 20 گاڏيون نواز شريف پنهنجي قافلي ۾ شامل ڪيون، بلٽ پروف گاڏيون نواز شريف ۽ مريم نواز ذاتي طور تي استعمال ڪيون.
نيب جو چوڻ آهي ته بلٽ پروف گاڏين جي انڪوائري ۾ شاهد خاقان عباسي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فواد حسن فواد ۽ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري کان به پڇا ڳاڇا ٿي.
نيب موجب پرڏيهي وزارت جي آفيسرن بلٽ پروف گاڏين جي معاملي ۾ اختيار اورانگھيا.
The post نواز شريف ڏکيائين ۾، نيب کي اجازت… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment