وفاقي حڪومت ۽ مفتي منيب کي نوٽيس… - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

وفاقي حڪومت ۽ مفتي منيب کي نوٽيس…


 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي چنڊ ڏسڻ کان روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ چنڊ ڏسڻ تي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ٻه ٻه عيدون ملهايون وينديون آهن.

درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ ۽ جسٽس عبدالشڪور ڪئي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪيتري عرصي کان عيد جو چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان اختلاف ٿيندا آهن.

The post وفاقي حڪومت ۽ مفتي منيب کي نوٽيس… appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages