لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير صمصام بخاري چيو آهي ته هي ماڻهو ايتري تباهي ڪري ويا جو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پئجي ويو، ٻئي پارٽيون پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ متحد ٿيون آهن، ڊالر جي بائيڪاٽ تي ڊالر مارڪيٽ ۾ آڻيو گهرن ۾ نه رکو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صمصام بخاري چيو ته آءِ ايم ايف چوي ٿي ته اسان کي ملڪ تي اعتبار آهي، 22 هون ڀيرو پاڪستان آءِ ايم ايف وٽ ويو، چارٽر آف ڊيمو ڪريسي تي ن ليگ بينظير ڀٽو سان دوکو ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو، مان نه ٿو سمجهان ته کير جون نديون وهي رهيون آهن، عوام ڊالر وڪرو ڪندو ته پئسو عوام جي مفاد ۾ هوندو. سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال مان جلد نڪرنداسين، پاڪستان وٽ اهڙو ٽيلنٽ آهي جيڪو ٻين ملڪن ۾ ناهي، آرٽسٽ جي حوصلا افزائي اوتري نه پئي ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي، هر شيءَ تي ڪنٽرول آهي جيئن اسان جو نسل ڏکيائين جو شڪار نه ٿي. صمصام بخاري چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ايندڙ چونڊن ۾ پتو پئجي ويندو، ڊالر اصل اگهه تي نه هوندو ته برآمد نه ٿيندي، سياسي پنڊت ٻڌائين ته ڪيترا ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ويا آهن، جيڪو ڪنداسين عوام جي بهتري لاءِ ڪنداسين. هن چيو ته قرض اسان نه ورتو پر قسطون لاهي رهيا آهيون.
The post حڪومتي ڪارڪردگي بابت ايندڙ چونڊن ۾ پتو پئجي ويندو: صمصام بخاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment