تڪراري ٽوئيٽ تي پي سي بي جنيد خان خلاف ڪارروائي ڪندو يا نه ….؟  وڏي خبر اچي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

تڪراري ٽوئيٽ تي پي سي بي جنيد خان خلاف ڪارروائي ڪندو يا نه ….؟  وڏي خبر اچي وئي


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالر جنيد خان طرفان سوشل ميڊيا تي تڪراري ٽوئيٽ هٽائڻ کان پوءِ  قومي ڪرڪيٽر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ فاسٽ بالر جنيد خان منهن تي ٽيپ لڳائي تصوير شيئر ڪئي ۽  چيو هو ته مان ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، سچ ڪڙو هوندو آهي.

سندس ان پيغام کي ملڪي توڙي غيرملڪي ميڊيا وڏي اهميت ڏني جنهن کان پوءِ امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ظابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل جنيد خان خلاف ڊسپلنري ايڪشن کڻندو.

فاسٽ بالر طرفان سوشل ميڊيا تي پوسٽ هٽائڻ کان پوءِ پي سي بي اختيارين به سک جو ساهه کنيو ۽ اشارو ڏنو ته جيئن ته جنيد خان پنهنجي ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي آهي تنهنڪري پي سي بي جو به فاسٽ بالر خلاف ڊسپلنري ڪارروائي جو امڪان گهٽ آهي.

The post تڪراري ٽوئيٽ تي پي سي بي جنيد خان خلاف ڪارروائي ڪندو يا نه ….؟  وڏي خبر اچي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages