

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته افطار جي نالي تي حڪومت خلاف سازش ڪرڻ افسوسناڪ آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان افطار پارٽي ۾ اپوزيشن اڳواڻن کي دعوت ڏيڻ تي وزيراعظم جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ردعمل ڏيندي چيو ته بدقسمتي سان هن ڀلاري مهيني ۾ عوام کي مسئلن جا روزا رکرائڻ وارا افطارين جي آڙ ۾ ذاتي، سياسي ۽ ڪاروباري مفادن جي تحفظ ۾ مصروف آهن، اپوزيشن کي پنهنجي نيت جي مار ملي رهي آهي.
اپوزیشن کو اپنی نیت کی مار پڑ رہی ہے۔ یہ صرف اپنی دولت اور اولاد کے مستقبل کے بارے میں فکرمند رہتے ہیں۔ رمضان المبارک کے مقدس مہینے میں افطار کے نام پر منتخب جمہوری حکومت کے خلاف سازش کرنا افسوسناک ہے۔
— Firdous Ashiq Awan (@Dr_FirdousPTI) May 18, 2019
ٽوئيٽر تي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ افطار جي نالي تي جمهوري حڪومت خلاف سازش ڪرڻ افسوسناڪ آهي، اهي رڳو پنهنجي دولت ۽ والاد جي مستقبل بابت فڪرمند رهندا آهن.
The post افطار جي نالي تي حڪومت خلاف سازش افسوسناڪ آهي: فردوس عاشق اعواڻ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment