

لاهور (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن پنجاب ڪمپريسڊ نيچرل گئس جي اگهه ۾ 3 رپيا في ڪلو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ ڊالر ۽ پيٽرول کان پوءِ سي اين جي به مهانگي ٿي وئي آهي ۽ آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن 3 رپيا اضافي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سي اين جي في ڪلو 79 رپيا 90 پئسا مان وڌي 82 رپيا 79 پئسا ٿي وئي آهي.
آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئشن پنجاب جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) شجاع انور جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن دوران ڊالر جي قيمت ۾ 7 رپيا اضافي سبب اگهه وڌائڻا پيا، سي اين جي اگهه سڌي ريت ڊالر جي قيمت سان جڙيل آهي، تنهن ڪري ان ۾ واڌ اڻٽر هئي.
The post مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ٻيو وار… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment