برسات کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند، ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, July 26, 2019

برسات کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند، ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ برساتن کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ آهي. سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سانوڻي جي برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ آهي. فلڊ ڪنٽرول روم موجب سنڌو درياءَ ۾ راجن پور واري هنڌ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جنهن سبب دريائي رستن تي پوکيل فصل لڙهي ويا آهن جڏهن ته سنڌو درياءَ جي رستن تي آباد ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، درياءَ جي حدن ۾ ڪچي جي علائقي ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي ماڻهن محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جا اعلان به ڪرايا پيا وڃن. فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽ مٺن واري هنڌ ٻه لک 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي جڏهن ته چناب درياءَ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب هاءِ فلڊ الرٽ جاري آهي، زوب، قلات ۽ ڊي جي خان ڊويزن  ۾ دريائن ۽ برساتي نالن ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  موسميات کاتي موجب برساتن سبب ڪابل درياءَ ۾ نوشهره وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، 24 ڪلاڪن دوران راوي ۽ چناب سان لاڳاپيل ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال هوندي، ڊي جي خان جي پهاڙي ندين نالن ۾ به هيٺين سطح جي ٻوڏ هوندي.

The post برسات کانپوءِ دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند، ڪيترن ئي هنڌن تي مٿين درجي جي ٻوڏ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages